آمريڪي ايف ڊي اي پاران ڪورونا جي صحتياب مريضن کان پلازما وٺڻ جو فيصلو

news

واشنگٽن: (اڱارو 04 آگسٽ 2020ع) آمريڪي فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن ڪورونا وبا کي آگسٽ جي ختم ٿيڻ تائين مڪمل ڪرڻ جي لاءِ صحتياب ماڻهن کان پلازما عطيو ڪرڻ جي اپيل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ايف ڊي اي جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته ڪورونا مان صحتياب ٿيل مريض پنهنجو پلازما عطيو ڪري انفيڪشن سان وڙهندڙ مريضن جي مدد ڪري سگهن ٿا.

صحتياب مريض جي پلازما ۾ ڪورونا 19 اينٽي باڊيز هوندي آهي جيڪا مدافعتي نظام کي وائرس سان وڙهڻ ۾ مدد  ڪندي آهي. ڏٺو وڃي ته پلازما عطيو ڪرڻ جي معاملي ۾ پاڪستان آمريڪا کان اڳيان نظر ايندو آهي.

بيمانالوجسٽ ۽ ٽرانسپلانٽ فزيشن ڊاڪٽر طاهر شمسي اڳ ئي پلازما جا فائدا بيان ڪندي ڪورونا جي صحتياب مريضن کان پلازما عطيو ڪرڻ جي اپيل ڪري چڪو آهي.