شهدادپور ميونسپل ڪميٽي چيئرمين انتقامي ڪارروائي ڪندي منهنجي هوٽل ۽ گهر کي ڊاهي پٽ ڪيو آهي:فنڪشنل ليگ اڳواڻ

news

شھدادپور (رپورٽ: سيفل عباس ساند) شھدادپور ۾ فنڪشنل ليگ اڳواڻ ڪاشف آرائين احتجاج ڪندي چيو آهي ته چيئرمين ميونسپل ڪميٽي طرفان پنھنجا نوازي ڪندي ڀڳڙن جي مٺ تي ليز تي ڏنل جنرل بس ٽرمينل تي ميونسپل عملي ۽  ٺيڪيدار پاران غيرقانوني اڏاوت ۽ حددخليون ڄاڻائي منهنجي ھوٽل کي پٽ ڪرڻ بعد ھڪ ڀيرو ٻيھر بس ٽرمينل تي منهنجي خلاف انتقامي ڪارروائي ڪندي گھر جي جاءِ کي مختيارڪار شھدادپور ميونسپل عملو، ٺيڪيدار ۽ پوليس سان گڏ ھيوي مشينري کي ساڻ ڪري پھچي غير قانوني ڄاڻائي گھر کي ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيو آھي.

فنڪشنل ليگ اڳواڻ ڪاشف آرائين وڌيڪ چيو ته بس ٽرمينل کي غيرقانوني طور ليز تي ڀڳڙن جي مٺ تي ڏيڻ ۽ ھوٽل ڊاھڻ جو معاملو ڪورٽ ۾ ھلندڙ آھي. ھن اعليٰ اختيارين کان انصاف ڏيڻ جي گھر ڪئي آھي.