بدين ۾ تلهار واسين جو بااثر وڏيري جي زيادتين خلاف احتجاج

news

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) تلهار جي ڳوٺ ڦوٽو اعواڻ جي رهواسين گل محمد اعواڻ محمد رمضان ۽ ٻين بدين پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو.

جنهن بعد پريس ڪانفرنس ڪندي گل محمد اعواڻ چيو ته ڳوٺ جي بااثر وڏيري متارو اعواڻ ۽ سندس ساٿين  گذريل رات اسان جي اوطاق کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو آهي، جنهن بعد بااثر وڏيرو اسان کي اڃا به خراب نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيو آهي.

هنن وڌيڪ چيو ته بااثر وڏيرو اسان کي گارگند ڪري موتمار ڌمڪيون ڏيئي رهيو آهي جنهن سبب  اسان کي جان ۽ مال جو خطرو به آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ سيشن جج بدين کان مطالبو ڪيو ته بااثر وڏيري خلاف قانوني ڪارروائي ڪري جان ۽ مال جو تحفظ فراهم ڪيو وڃي.