حيدرآباد ۾ يوم استحصال ريلي، ڀارت خلاف نعريبازي، ڪشميرين سان ساٿ جو وچن

news

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر)  ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد محمد عباس بلوچ ۽ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو جي سربراهي ۾ اڄ شهباز هال حيدرآباد کان ڪشميرين جي حقن  لاءِ آواز اٿارڻ جي سلسلي ۾ يوم استحصال جي ريلي ڪڍي وئي.

ڀارت پاران گذريل سال 5 آگسٽ تي آرٽيڪل 370 کي منسوخ ڪيو ويو جنهن سان ڪشمير جي آزاد حيثيت کي غِيرقانوني طور تي ختم ڪري ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو جڏهن ته حڪومت پاڪستان طرفان سڄي ملڪ ۾ ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي جي سلسلي ۾ اڄ يوم استحصال ملهايو پيو وڃي.

ان سلسلي ۾ حيدرآباد ضلعي انتظاميا طرفان پڻ ريلي جو اهتمام ڪيو ويو، ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن ڪشمرين جي حقن لاءِ پنهنجي رت جي آخري ڦڙي تائين حمايت جاري رکڻ جو عهد ڪيو، ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن جي هٿن ۾ ڀارتي ظلم  خلاف ڪارڊز ۽ بينرز پڻ کنيل هئا.

 شرڪت ڪندڙن طرفان ڀارتي فورسز جي ظلم خلاف نعره پڻ هنيا ويا _ ريلي ۾ ڪشمير جي آزادي  تائين ڪشميرين جو ساٿ ڏيڻ جو عهد ڪيو ويو.

 ريلي ۾ ضلعي انتظاميا حيدرآباد ، واسا ، تعليم ۽ پوليس انتظاميا سميت سماجي تنطيمن، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.