ميهڙ واسي اڻويهه سالن جي نوجوان مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو، گهر ۾ روڄ راڙو

news

ميهڙ(رپورٽ:جاويد سومرو) ميھڙ واسي خليل احمد جانوري جو نوجوان پٽ 19 سالن جو شڪيل احمد جانوري ڪراچي ۾ مبينا طور پنهنجو پاڻ تي فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي آهي.

 نوجوان جي مبينا طور خودڪشي جي اطلاع تي سندس ميهڙ واري گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو جڏهن ته سندس والد خليل جانوري سندس لاش ڪراچي مان کڻائي ميهڙ پهتو ته لاش گهر پهچڻ ۽ تدفين وقت سندس گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو.

 ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان شڪيل احمد جانوري ڪراچي ۾  پرائيويٽ ڪمپني ۾ سڪيورٽي گارڊ هو.