ڪراچي ۾ جماعت اسلامي جي ڪشمير ريلي تي ڪريڪر حملو، ڪيترائي ڪارڪن زخمي

news

ڪراچي: گلشن اقبال بيت المڪرم مسجد ويجهو جماعت اسلامي جي ڪشمير ريلي تي ڪريڪر حملي ۾ ڪيترائي ڪارڪن زخمي ٿي پيا.

رپورٽ موجب ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال بيت المڪرم مسجد ويجهو جماعت اسلام جي ڪشمير ريلي تي ڪريڪر ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا.

جماعت اسلامي جي ترجمان موجب جماعت اسلامي جي طرفان منعقد يوم استحصال ريلي بيت المڪرم مسجد گلشن اقبال جي سامهون گذري رهي هئي ته ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي ۾ جماعت اسلامي جا ڪيترائي ڪارڪن زخمي ٿي پيا. ڌماڪي جي زخمين کي لياقت آباد، ٽراما سينٽر، سول اسپتال ۽ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي.

اکين ڏٺن شاهدن موجب ريلي جي ويجهو گذرندڙ نامعلوم موٽرسائيڪل سوال ڪا شئي اڇلائي ڀڳا ۽ ڌماڪو ٿيو، ڪريڪر اڇلائيندڙن سان گڏ هڪ ڪار به هئي جنهن جا پڻ شيشا ٽٽي پيا.

ڌماڪي کانپوءِ پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري موقعي تي پهچي وئي. ايس ايس پي ايسٽ جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ چار ماڻهو زخمي ٿيا آهن. ريلي کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي هئي.