شھدادپور لڳ ڳوٺ نبي بخش سھتو ۾ زمين جي ورھاست تان ننڍي ڀاءُ جو وڏي ڀاءُ جي زيادتين خلاف هارين سان گڏ احتجاج

news

شھدادپور (رپورٽ: سيفل عباس ساند) شھدادپور لڳ ڳوٺ نبي بخش سھتو ۾ زمين جي ورھاست جي معاملي تان ننڍي ڀاءُ جي حصي جي 44 ايڪڙ زرعي زمين  تي وڏي ڀاءُ ھٿياربند ماڻھو ساڻ ڪري قبضو ڪري زمين ۽ گھرن ۾ ويٺل غريب ھارين مٿان سخت تشدد ڪري  ڊوڙائي ڇڏيو.

ننڍي ڀاءُ امام بخش سھتو جي اڳواڻي ۾ ھارين شريمتي لوڻي موهن، بارتو، چنو، ڦوٽو ڀيل ۽ ٻين وڏي ڀاء موسيٰ سهتو ۽ ٻين خلاف شھدادپور پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. مظاھرين مردن عورتن روئيندي ميڊيا کي ٻڌايو تہ اسان مٿان زميندار جي وڏي ڀاءُ موسيٰ سھتو، فدا سهتو، ذاڪر حسين، مظھر، اظھر سهتو حملو ڪري گهرن ۾ داخل ٿي سخت تشدد ڪري ڊوڙائي ھروڀرو اسان مسڪينن کي تنگ پيا ڪن.

ڦٽيون چونڊڻ سميت زمين تي ڪم ڪرڻ نٿا ڏين زميندار سان گڏ وڏي ڀاءُ موسيٰ سھتو ۽ ٻين خلاف شھدادپور پوليس وٽ رپورٽ درج ڪرائي آھي پر پوليس اسان غريبن جي ڪجھ به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. ھنن مطالبو ڪيو آھي تہ کين  تحفظ ڏئي زميندار خلاف سخت قدم کنيو وڃي.