ميهڙ ۾ ڦر جا ٻه واقعا، هٿياربند هڪ موٽر سائيڪل، ٻه موبائيل فونون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار

news

ميهڙ (رپورٽ: جاويد سومرو) ميهڙ راڌڻ ۽ کوندي لنڪ روڊ تي ڦر جا ٻه واقعا ٿيا آهن، هٿياربند هڪ موٽر سائيڪل، ٻه موبائيل فونون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن. 

مليل معلومات موجب ٽي نامعلوم هٿياربند ميهڙ راڌڻ لنڪ روڊ تي هٿيارن جي زور تي راڌڻ جي رهواسي آفتاب حسين ميراڻي کان ٻه موبائيل فونون ڦر ڪري فرار ٿي ويا ، جڏهن ته ميهڙ کوندي لنڪ روڊ تي ٽي نامعلوم هٿياربند هٿيارن جي زور تي ڳوٺ کوندي جي رهواسي عرفان مهيسر کان موٽر سائيڪل ۽ ٻه هزار روڪ ڦر ڪري فرار ٿي ويا. اطلاع باوجود ميهڙ ٿاڻي تي ڦر واقعن جو ڪيس داخل ناهي ڪيو ويو.