رمضان شوگرملز ريفرنس: شهباز شريف ۽ حمزه شهباز مٿان فرد جرم لاڳو

news

لاهور: (خميس 06 آگسٽ 2020ع) احتساب عدالت رمضان شوگرملز ريفرنس ۾ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.

احتساب عدالت جي جج امجد نذير چوڌري رمصان شوگرمل ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. ان دوران شهباز شريف جي وڪيل امجد پرويز چيو آهي ته صدر پاڪستان پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اڄ طلب ڪري رکيو آهي. شهباز شريف کي اسلام آباد وڃڻو آهي ان ڪري عدالت  مان ان کي وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي. عدالت چيو ته شهباز شريف تي فرد جرم لاڳو ٿي آهي. هو هتي ئي رهي جڏهن ته عدالت نيب ڪورٽ کان پڇاڻو  ڪندي چيو ته گرفتار حمزه شهباز ڪٿي آهي جنهن تي نيب ڪورٽ چيو ته حمزه شهباز رستي ۾ آهي اهو اچي رهيو اهي. 

جنهن کان پوءِ شهباز شريف عدالت جي ڪمري ۾  جج صاحب سان ڳالهائيندي چيو ته عدالت جو حڪم مڃڻ لاءِ تيار آهيان. مون کي اسلام آباد وڃڻو آهي ۽ مون کي چيلهه ۾ به تمام گهڻي تڪليف آهي وڌيڪ بيهي نٿو سگهان. شهباز شريف جي وڪيل عدالت کي درخواست ڪندي چيو ته رمصان شوگرملز ۾ فرد جرم لاڳو نه ڪئي وڃي. اڄ صدر پاڪستان پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس طلب ڪري رکيو آهي. عدالت چيو ته اڄ فرد جرم لاڳو ٿيڻي آهي. حمزه شهباز آيو ته ڪارروائي ڪريون ٿا.

شهباز شريف جي وڪيل چيو ته عدالتي رڪارڊ جي لاءِ شهباز شريف پيش ٿيو آهي. فرد جرم جي حوالي سان اڃان دليل ڏيڻا آهن اهو ڪيس بدنيتي تي ٻڌل آهي. مون کي ڪيس جي تياري جو موقعو ڏنو وڃي. عدالت چيو ته گهڻا موقعا ڏئي چڪا آهيون اوهان بحث ڪريو، فرد جرم اڄ ئي لاڳو ڪنداسين. اوهان دليل ڏيو. عدالت فرد جرم لاڳو نه ڪرڻ جي درخواست رد ڪندي رمضان شوگرملز ريفرنس ۾ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي جنهن تي شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو. جنهن کان پوءِ عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي نيب جي گواهن کي طلب ڪري ورتو.

شهباز شريف چيو ته مون کربين روپين جا منصوبا لڳايا آهن. اڄ تائين سرڪار جي هڪ روپئي جو پيٽرول استعمال ناهي ڪيو. خدا جو قسم کائي چوان ٿو ته نيڪ نيتي سان ڪم ڪيو آهي. هاڻ هي مون کي ڪني نالي جي ڪيس ۾ ڦاسائي رهيا آهن. عوام جي خدمت منهنجو فرض هو مون ڪوبه احسان ناهي ڪيو.