نيب مريم نواز کي يارنهن آگسٽ تي طلب ڪري ورتو

news

لاهور: (خميس 06 آگسٽ 2020ع) نيب مريم نواز کي غيرقانوني ايراضي واري ڪيس ۾ 11 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو. 

نيب ذريعن موجب مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ مريم نواز کي 11 آگسٽ تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. مريم نواز کي 200  ڪئنال ايراضي غيرقانوني طور تي پنهنجي نالي ڪرائڻ جي الزام ۾ طلب ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب نيب اڳوڻي ڊي اي او نور امين گل  احد چيمه کان به جاچ جو فيصلو ڪيو آهي. 2014 ۾ رائيونڊ ۾ مريم نواز جي نالي 200 ايڪڙ زمين منتقل ڪئي وئي. 100 ڪئنال زمين شهباز شريف ۽ 100 ڪئنال زمين نوازشريف جي نالي منتقل ڪئي وئي. جڏهن ته زمين جي منتقلي ۾ ايل ڊي اي جي قائدن ۽ ضابطن کي نظر انداز ڪيو ويو.

نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته شريف فيملي جي ڀرپاسي واري زمين جي حصي کي گرين لينڊ قرار ڏنو ويو. شريف فيملي جي ايراضي جي ڀرپاسي جي تعمير کي روڪڻ جي لاءِ ايراضي کي گرين لينڊ قرار ڏنو ويو.

اڳوڻي ڊي جي ايل ڊي اي احمد چيمه ۽ اڳوڻي ڊي سي او لاهور نور امين مينگل کان به جاچ ڪئي ويندي. واضح رهي ته اڄ احتساب عدالت رمضان شوگرملز ريفرنس ۾ اڳوڻي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف ۽ ان جي پٽ حمزه شهباز مٿان فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي آهي.