ايف ڊي اي بلڊ ڪينسر جي علاج واري دوا جي منظوري ڏئي ڇڏي

news

واشنگٽن: (خميس 06 آگسٽ 2020ع) آمريڪي فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن(ايف ڊي اي) بلڊ ڪينسر جي علاج لاءِ تيار ڪيل دوا(بيلنٽاميب ميفاڊولن) جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

خبرون ڏيندڙ اداري رائٽرز  جي رپورٽ موجب آمريڪا ۾ مانيلوما بلڊ ڪينسر جي ٻئي عام شڪل آهي جيڪا   علاج جوڳي  ته آهي پر ان جو مريض ٺيڪ ٿي به ان ۾ ٻيهر مبتلا ٿي ويندو آهي. دوا ٺاهيندڙ ڪمپني گليڪسواسمٿ ڪلائن(جي ايس ڪي) پنهنجي دوا بيلنٽاميب ميفاڊوئن يا بلين ريپ به چيو ويندو آهي جنهن جي آزمائش ڪئي پئي وڃي.

جنهن جي منظوري هاڻ آمريڪي ايف ڊي اي ڏئي ڇڏي آهي. دوا ٺاهيندڙ ماهرن جو چوڻ اهي ته هن دوا جي استعمال جي منظوري ان ماڻهن جي لاءِ ڏني وئي آهي جيڪي  مذڪوره بيماري ۾ گهڻا مبتلا ٿي ويندا آهن  جنهن کان پوءِ سندن قوت مدافعت علاج جي قابل ناهي رهندي.