چوماسي جي موسم ۾ ٿيندڙ پنج انفيڪشن ۽ ان جو علاج

news

لنڊن: (خميس 06 آگسٽ 2020ع)  لنڊن جي ڊاڪٽرن پاران ڪيل تحقيق موجب ڪنهن به ٻئي موسم جي مقابلي ۾  چوماسي جي موسم ۾ وائرل انفيڪشن جي ٿيڻ جو خطرو ٻيڻو ٿي ويندو آهي.

هوا ۾ نمي جو وڌيڪ مقدار بيڪٽريا ۽ انفيڪشن کي وڌڻ ۾ مدد ڏيندو آهي. اهڙا ئي پنج انفيڪشن آهن جن جو  چوماسي جي موسم ۾ وڌيڪ ٿيڻ جو امڪان هوندو آهي جنهن سبب انسان جلد متاثر ٿي ويندو آهي. ڊائريا: مون سون جي موسم ۾ جيڪڏهن کاڌي پيتي جي شين کي مناسب طريقي سان نه رکيو ويو ته ان ۾ جراثيم پيدا ٿيندا آهن جيڪي ڊائريا جو سبب بڻجندا آهن.ان کان بچڻ جو طريقو اهو آهي ته گهر جو پڪل کاڌو  استعمال ڪيو وڃي

هيضه: هي پاڻي سان پيدا ٿيندڙ انفڪيشن آهي ۽ چوماسي جي موسم ۾ هي عام ٿي ويندو آهي ان کان بچڻ جو بهترين طريقو اهو آهي ته جسم ۾ پاڻي جي مقدار وڌائڻ جي لاءِ  بائيڊرينڊ رهو جڏهن ته صاف سٿرو کاڌو کائڻ سان هن انفيڪشن کان بچي سگهجي ٿو.

ٿڌ ۽ زڪام: هن سيزن جي دوران وائرل ٿيندڙ عام بيمارين مان هڪ ٿڌ ۽ زڪام آهي هن موسم ۾ اسان سڀئي گهٽ ۾ گهٽ هڪ يا ان کان به وڌيڪ ڀيرا بيمار ٿي ويندا آهيون. ان کان بچاءُ جو طريقو آهي ته ٿڌ ۽ زڪام وارن ماڻهن کان سڌو سنئون رابطو نه رکو. جيڪڏهن خاندان جي ڪنهن ماڻهو کي هي انفيڪشن ٿي به وڃي ته ان ماڻهو جو ڌار ٽوال ۽ ٿانو استعمال ڪرڻ  گهرجن جڏهن ته هٿ به ڪثرت سان ڌوئڻ گهرجن.

ٽائيفائيڊ: ٽائيفائيڊ بخار به هن موسم ۾ عام ٿي ويندو آهي ان کان بچڻ جو طريقو آهي ته صاف پاڻي پيتو وڃي ۽ باهر کان پاڻي تي ٻڌل ڪوبه شربت نه پيتو وڃي.

ڊينگي: تيز برساتن سبب پاڻي جمع ٿي ويندو آهي جيڪو مڇرن جي لاءِ نسل وڌائڻ جو ڪم ڪندو آهي ان کان بچاءُ جو طريقو اهو آهي ته پنهنجي گهر جي ڀرپاسي ۾ ڪٿي به برسات جو پاڻي  جمع نه ٿئي ان  سان گڏوگڏ پوري ٻانهن وارا ڪپڙا به پاتا وڃن جنهن سان اوهان ڊينگي کان بچي سگهو ٿا.