هڪ ٻئي ڀارتي اداڪار آپگهات ڪري ڇڏيو

news

ممبئي: (خميس 06 آگسٽ 2020ع) ڪيونڪه ساس بهي کبهي بهو تهي، ڪهاني گهر گهر کي جهڙن مشهور ڀارتي ڊرامن ۾ ڪم ڪندڙ ڀارتي ٽي وي اسٽار سمير شرما آپگهات ڪري ڇڏيو آهي.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب 44 ساله سمير شرما پنهنجي ممبئي جي ملاد اپارٽمينٽ جي رڌڻي ۾ مرده حالت ۾ مليو جنهن جي اطلاع اپارٽمينٽ جي چوڪيدار کي ڏني وئي. رپورٽ موجب چوڪيدا  رڌڻي جي دري مان سمير شرما کي لٽڪندي ڏٺو جنهن جي اطلاع اپارٽمينٽ جي ماڻهن ۽ پوليس کي ڏني وئي. پوليس موجب سمير شرما جي لاش رڌڻي جي پنکي سان لٽڪيل هئي جنهن سبب ظاهري طور تي اها خبر پئجي رهي آهي ته هن ڦاهو کاهو آپگهات ڪيو آهي. 

هوڏانهن ميلاد پوليس اسٽيشن جي سينئر انسپيڪٽر جو چوڻ آهي ته سمير شرما جي گهر مان آپگهات ڪرڻ جي حوالي سان ڪوبه نوٽ ناهي مليو پر لاش کي ڏسي اهوئي شڪ آهي ته آپگهات شايد 2 ڏينهن اڳ ڪيو ويو آهي. سمير شرما جي انسٽاگرام تي ڊپريشن  بابت پوسٽ به ڏٺي وئي آهي جنهن سبب اهو مڃيو پيو وڃي ته شايد هو  به ڊپريشن ۾ مبتلا هو.

ياد رهي ته ڀارت ۾ شوبز جي شخصيتن ۾ آپگهات وارن واقعن ۾ لاڳيتو واڌ ٿي رهي آهي  ان کان اڳ بالي ووڊ اداڪار سشانت سنگهه ۽ ٽي وي اداڪار ۽ ماڊل سشيل گوڙا به آپگهات ڪري چڪا آهن.