ڪراچي: قلم ڌڻين جو انوکو احتجاج، نيڪال سسٽم نه ٺاهڻ تي پاڻي ۾ نيوز روم قائم

news

ڪراچي( رپورٽ: نبي بخش خاصخيلي) ڪراچي جي بلاول شاهه نوراني ڳوٺ ۾ گٽرن جو پاڻي مهينن کان نيڪال نه ٿيڻ خلاف قلم ڌڻين  گندي پاڻي  اندر نيوز روم قائم ڪري انوکو احتجاج ڪيو،

 بلاول شاهه  نوراني، سچل ڳوٺ ، ايوب ڳوٺ ۽ ٻين علائقن ۾ ڪيترن ئي مهينن کان گٽرن جو پاڻي بيٺل هجڻ تي اتان جي رهواسي قلم ڌڻين  گهٽيءَ اندر بيٺل پاڻيءَ ۾ نيوز روم قائم ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو،  سينيئر صحافي وحيد مراد سيال، ماجد سمون، غوث ٻگهيو، امان انصاري، حميد جوئي، عابد مظهر ۽ ٻين قلم ڌڻين جو چوڻ هو ته جڏهن قلم ڌڻين جي علائقن جو حشر اهو هجي جيڪي پاڻ لکي لکي ٿڪجي پيا آهن ته ٻين ماڻهن سان ڪهڙو ورتاءُ هوندو.

 هنن چيو ته هو لاڳيتو چونڊيل نمائندن کي دانهون ڏيندا رهيا پر کين رڳو دلاسا ئي ملندا رهيا، جنهن ڪارڻ مجبور ٿي هنن گٽرن جي پاڻي اندر نيوز روم قائم ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي.

 هنن چيو ته بلاول شاهه نوراني مان گندي پاڻي جي نيڪال توڙي گٽرن جي صفائي لاءِ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ رقم آيل آهي پر ٽڪو به خرچ نه ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مجموعي گهٽين جي فرش بندي لاءِ پڻ آيل رقم به هڙپ ڪئي وڃي ٿي.

 سندن چوڻ هو ته هنن پنهنجي مدد پاڻ چندو ڪري پاڻي جي لائن آندي جنهن جو افتتاح وري يوسي صفوران جو وائيس چيئرمين مولا بخش چنڊ ڪري ويو آهي جيڪا پڻ هڪ قسم جي داداگيري چئبي، قلم ڌڻين جو چوڻ هو ته سچل ڳوٺ ڪراچي جي دل آهي جتي آرٽسٽ، فنڪار، قلمڪار توڙي ڪامورا رهن ٿا پر ان هوندي به ڪنهن چونڊيل نمائندي هن علائقن جي واهر ناهي ڪئي.

قلم ڌڻين جو چوڻ هو ته بلاول  شاهه نوراني ۽ سچل ڳوٺ سوڌو ٻين آبادين جي سار لڌي وڃي نه ته هتان جا ماڻهو چونڊيل نمائندن جو گهيراءُ ڪرڻ ۾ دير نه ڪندا.