برائن لارا پنهنجي باري ۾ ڪورونا پازيٽو جي خبرن کان ڊڄي ويو

news

لاهور: (خميس 06 آگسٽ 2020ع) دنيا جي خطرناڪ ترين بالرن جي سامهون  ڪڏهن نه گهبرائيندڙ ويسٽ انڊيز جو اڳوڻو ڪپتان برائن لارا پنهنجي بابت ڪورونا پازيٽو جي خبرن کان گهٻرائجي ويو. پنهنجي باري ۾  ڪورونا  جون خبرون سامهون اچڻ کان پوءِ برائن لارا سماجي رابطي جي پليٽ فارم جو سهارو وٺندي واضح ڪيو آهي ته مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته اهڙيون غلط خبرون پکيڙيندڙن جو ڪهڙو مقصد آهي منهنجي باري ۾ چيو ويو آهي ته منهنجو ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيو آهي جيڪا سراسر ڪوڙي خبر آهي. ان بي بنياد ۽ گمراهه ڪندڙ خبرن سبب پريشاني پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. رڪارڊ ٺاهيندڙ رانديگر چيو ته هي اهڙي لاپرواهي آهي جنهن ۾ غير ضروري پريشاني پکڙجي ٿي. ذاتي طور تي ان جو ڏک ٿيو آهي. منهنجي دعا آهي ته اسان سڀئي ڪورونا وائرس کان محفوظ رهون. هي وائرس اڃان ختم ٿيندي نظر نه پيو اچي اسان سڀني کي احتياط ڪرڻي پوندي.