ميرپور ماٿيلو لڳ پنج سالن جي معصوم نينگري ميرپورمائينر ۾ ٻڏي فوت

news

ميرپورماٿيلو(رپورٽ:هادي بخش جلباڻي) ميرپورماٿيلو ويجھو ڳوٺ شيرمحمد کوسو جي رھواسڻ 5 ورھين جي معصوم ٻارڙي فوزيہ ڌي گل حسن ڌونڌو گھر ٻاھران راند ڪندي ميرپور مائينر ۾ ڪري پئي ۽ ٻڏي وئي، جڏهن ته اطلاع تي ڳوٺاڻن ۽ ٻيلو ميرپور پوليس ٻارڙيءَ جو لاش ميرپور مائينر مان ڪڍي ورتو.

 ٻارڙيءَ جو لاش گھر پھچڻ تي سندس گھر ۾ روڄ راڙو متل آھي.