بدين ڀرسان سماجي اڳواڻ پاران گهر تي قبضي ۽ ڌمڪين خلاف احتجاج

news

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) بدين ڀرسان ڳوٺ ٽنڊوگامون ۾ سماجي تنظيم جي چيئرمين مريم فائونڊيشن جي چيئرمين مير محمد سولنگي جي گهر تي پوليس اهلڪار ۽ سندس ڀائرن حملو ڪري گهر جي باغيچي ۾ بيٺل فروٽ جا وڻ وڍي ڇڏيا.

ان سلسلي ۾ سماجي اڳواڻ مير محمد سولنگي پريس ڪلب بدين پهچندي صحافين سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته ڳوٺ جا وڏيرا پوليس اهلڪار ياسر جوڻيجو، سندس ڀائر اسد جوڻيجو، مظفر جوڻيجو مون کي زبردستي ڳوٺ مان لڏائڻ چاهين ٿا. جنهن لاءِ مون کي تنگ  ڪندا رهن ٿا. هن اهو پڻ الزام هنيو ته پوليس اهلڪار ياسر جوڻيجو سندس ڀائرن اسد جوڻيجو ۽ مظفر جوڻيجو منهنجي گهر تي حملو ڪري گهر مان سامان ڪڍي ٻاهر اڇلائڻ بعد گهر کي تالو هڻي قبضو ڪري ورتو آهي ۽ مون کي به گارگند ڪري جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن.

هن اهو پڻ الزام هنيو ته پوليس اهلڪار جا ڀائر اسد جوڻيجو ۽ مظفر جوڻيجو تازو قتل ڪيس مان آزاد ٿيا آهن، جڏهن ته ان ڪيس ۾  سندن والد ابن طالب ۽ چاچو عامر رضا ڀاڳيلا قرار ڏنل آهن پر اهي به سرعام آزاد گهمي رهيا آهن مون کي ڌمڪائي رهيا آهن. هن آءِ سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري گهر تان قبضو ختم ڪرائي جان ۽ مال جو تحفظ فراهم ڪيو وڃي.