حڪومت جو مارڪيٽس، ٽرانسپورٽ، ريسٽورينٽس ۽ پارڪس ڏهه آگسٽ کان کولڻ جو اعلان

news

اسلام آباد: وفاقي حڪومت لاڪ ڊائون ۾ وڌيڪ نرمي ڪندي ريسٽورينٽس، تفريحي ماڳ ۽ شادي هالز سميت ٻين شعبن ۽ ڪاروبار مرحليوار کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ ۾ ڪورونا وبا جي صورتحال تي غور ڪيو ويو.

جنهن ۾ مارڪيٽس، مالز، پبلڪ ٽرانسپورٽ، ريسٽورينٽس، سئنيما گهر، ٿيٽرز، جمز ۽ پبلڪ پارڪس 10 آگسٽ تي کوليا ويندا. جڏهن ته تعليمي ادارا 15 سيپٽمبر تي کوليا ويندا. ميرج هالز کي 15 سيپٽمبر کان کوليا ويندا.