سپريم ڪورٽ جو نيب چيئرمين جي آفيسرن جي مقررين جي اختيار جو پاڻمرادو نوٽيس

news

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ نيب چيئرمين جي آفيسرن جي مقررين جو اختيار جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ نيب آفيسرن جي نالي تي پئسا وٺڻ واري جوابدار محمد نديم جي ضمانت جي ڪيس جو تحريري فيصلي ۾ پاڻمرادو نوٽيس ورتو.

عدالتي حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته نيب چيئرمين مقررين جو اختيار رولز (قانون) جي تحت ئي استعمال ڪري سگهي ٿو. نيب آرڊيننس جي تحت 1999ع کان اڄ تائين رولز ناهن ٺهي سگهيا، ڇا نيب چيئرمين آئين جي آرٽيڪلز 240 ۽ 242 کي پاسي تي رکي سگهي ٿو؟

عدالت معاونت لاءِ اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، جڏهن ته رجسٽرار آفيس کي پاڻمرادو نوٽيس الڳ سان ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

جسٽس مشير عالم چئن صفحن تي ٻڌل حڪمنامو تحرير ڪيو، جنهن ۾ پاڻ کي ڊي جي نيب عرفان منگي ظاهر ڪندڙ جوابدار نديم احمد جي ضمانت منظوري ڪئي وئي.