پارڪ لين ريفرنس: آصف زرداري جي درخواست رد، فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم

news

اسلام آباد: احتساب عدالت قومي احتساب بيورو (نيب) جي اختيارن خلاف اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.

آصف علي زرداري پارڪ لين ريفرنس ۾ نيب جي اختيارن کي چئلينج ڪيو هو. احتساب عدالت ٻنهي طرفان دليل ٻڌڻ کانپوءِ اڄ فيصلو ٻڌايو.

احتساب عدالت جي طرفان جاري مختصر فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پارڪ لين ڪيس ٺهي ٿو ۽ آصف علي زرداري تي فرد جرم لاڳو ڪئي ويندي.

احتساب عدالت اسلام آباد 10 آگسٽ تي پارڪ لين ريفرنس ۾ آصف زرداري تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.