چوهڙ جمالي ڀرسان سامونڊي تڙ وٽ برسات دوران هوڙي ۾ مڇي جو شڪار ڪندڙ ماهيگير مٿان کنوڻ ڪري پئي، سخت زخمي

news

چوهڙ جمالي (رپورٽ: محمد علي جتوئي) چوهڙ جمالي ڀرسان ماهيگيرن جي هوڙي تي آسماني بجلي کنوڻ ڪرڻ ڪري هڪ ماهيگير سڙي سخت زخمي ٿي پيو، سامونڊي پٽيء جي علائقي ڇڇ جهان خان جي فيضو ٿهيم جي سامونڊي  تڙ وٽ تيز برسات دوران هوڙي ۾ مڇي جو شڪار ڪرڻ دوران آسماني بجلي جي حملي سبب 40 سالن جو ماهيگير ڀيئڏنو ٿهيم سڙي سخت زخمي ٿي پيو.

زخمي نوجوان جو 80 سيڪڙو جسم سڙي متاثر ٿي پيو، کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سجاول تعلقه اسپتال آندو ويو جتان فرسٽ ايڊ بعد کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي نيو ويو، جڏهن ته کنوڻ جي حملي سبب مڇي جا قيمتي رڇ، هوڙو توڙي ۽ انجن پڻ سخت متاثر ٿي.