ملير جي علائقي ڪوھي ڳوٺ جي ھڪ ئي خاندان جا ٽي ڀاتي سن شھر ويجھو خطرناڪ روڊ حادثي ۾ فوت، تعزيت جو سلسلو جاري

news

ملير (رپورٽ: دريا خان شر) ملير جي يوسي صالح محمد جي علائقي ڪوھي ڳوٺ جي ھڪ ئي خاندان جا ٽي ماڻھو پنھنجي دوست سميت لاڙڪاڻي ويندي سن شھر ويجھو خطرناڪ روڊ حادثي سبب گاڏي ۾ ويٺل غلام مصطفيٰ بلوچ، غوث بخش بلوچ ۽ عبدالغني بلوچ موقعي تي ئي فوت ٿي ويا.

فوت ٿيندڙ ماڻھن جي عمر 25 کان 40 سال ٻڌائي پئي وڃي، فوت ٿيندڙن جا مڙهه گھر پھچڻ تي قهرام مچي ويو، فوت ٿيندڙ پنھنجي دوست جي پيءُ جي تعزيت لاءِ لاڙڪاڻي وڃي رھيا ھئا.

واقعي جو اطلاع ملندي ئي پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي سينيئر وائس پريزيڊنٽ ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر راجا رزاق بلوچ ضلعي ڪونسل ڪراچي جي سينئر ميمبر سردار اختر عارفاڻي ضلع ڪونسل ڪراچي جي اقليتي ميمبر مکي اودامل سميت ملير جا سياسي سماجي ۽ چونڊيل نمائندا تڏي تي پهچي ويا. صوبائي اسيمبلي ميمبر راجا رزاق بلوچ فوتين جي وارثن سان ھمدردي جو اظهار ڪندي چيو ته روڊ حادثي ۾ فوت ٿيندڙ پيپلز پارٽي جا ڪارڪن ھئا، ڏک جي ھن گھڙي ۾ مون سميت پوري پيپلز پارٽي وارثن جي غم ۾ برابر جي شريڪ آهي ڌڻي در دعاڳو آهيون ته الله پاڪ مرحومين جي مغفرت فرمائي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ وارثن کي صدمو برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.