آمريڪي صدر پاران لڳايل پابندي کان پوءِ ٽڪ ٽاڪ آمريڪا کي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

news

واشنگٽن: (ڇنڇر 08 آگسٽ 2020ع) آمريڪي صدر ٽرمپ طرفان پابندي کان پوءِ چيني ايپليڪيشن ٽڪ ٽاڪ آمريڪا کي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب چيني ايپليڪيشن ٽڪ ٽاڪ جي مالڪ ڪمپني  پنهنجي بيان ۾ آمريڪي صدر جي پابندي جي ايگزيڪٽو آرڊر تي حيرانگي جو اظهار ڪندي آمريڪا جي خلاف قانوني ڪارروائي جي ڌمڪي ڏني آهي. ٽڪ ٽاڪ جو چوڻ آهي ته آمريڪي صدر جو ايگزيڪٽو حڪم نامو هينئر تائين آمريڪي حڪومت جو سڀني کان سخت رد عمل آهي.

ايگزيڪٽو آرڊر نامعلوم رپورٽن جي بنياد تي جاري ڪيو ويو جنهن ۾ ان جو ذڪر ئي ناهي. ڪمپني جو چوڻ هو ته اسان ان ڳالهه کي واضح ڪري چڪا آهيون ته ٽڪ ٽاڪ تي ڪڏهن چيني حڪومت کان صارفين کي ڊيٽا شيئر ناهي ڪيو ويو ۽ نه ئي حڪومت جي درخواست تي ڪنهن مواد کي سينسر ڪيو ويو. ٽڪ ٽاڪ جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته  اسان قانوني رستا استعمال ڪنداسين ۽ اهو يقيني بنائينداسين ته قانون جي پاسداري قائم رهي.

چيني ايپليڪيشن وي چيٽ جي مالڪ ڪمپني ٽينسينٽ آمريڪي پابندي تي رد عمل ۾ چيو آهي ته ڪمپني ٽرمپ جي ايگزيڪٽو آرڊر جو مڪمل جائزو وٺي رهي آهي. واضح رهي ته آمريڪي صدر ٽرمپ گذريل ڏينهن ايگزيڪٽو آرڊر جي ذريعي چيني ايپس ٽڪ ٽاڪ ۽ وي چيٽ سان واپاري ڏي وٺ تي پابندي لاڳو ڪئي هئي ۽ ٻنهي ڪمپنين کي آمريڪي قومي سلامتي جي لاءِ خطرو قرار ڏنو هو.