برازيل ۾ پوليس اهلڪار دلچسپ طريقي سان ٽريفڪ ڪنٽرول ڪرڻ لڳو

news

برازيل: (ڇنڇر 08 آگسٽ 2020ع)  عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب هر رستي تي هلندڙ شخص پريشاني جو شڪار آهي ۽ ان پريشاني ۽ اداسي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ برازيل ۾ هڪ ٽريفڪ پوليس اهلڪار ماڻهن جي چهرن تي مسڪراهٽ وکيرڻ جو سوچيو.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب برازيل ۾ هڪ پوليس اهلڪار ٽريفڪ ڪرڻ جو هڪ دلچسپ انداز اپنايو آهي جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي به ڪافي وائرل ٿي آهي.

  وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته برازيل جي روڊن تي هڪ ٽريفڪ پوليس اهلڪار ماسڪ لڳائيندي رقص ڪندي گاڏين کي روڪڻ ۽ هلڻ جو اشارو ڪري رهيو آهي.

ٽريفڪ اهلڪار جو رقص ڪندي گاڏين کي روڪڻ ۽ هلڻ جو اشارو ڏيڻ جو اهو دلچسپ انداز ماڻهن کي به تمام گهڻو پسند آيو آهي.