ڀارت ۾ حادثي جو شڪار ٿيندڙ جهاز جو بليڪ باڪس ملي ويو، فوتين جو انگ اوڻويهه ٿي ويو

news

ئين دهلي: (ڇنڇر 08 آگسٽ 2020ع) ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ حادثي جو شڪار ٿيندڙ ايئر انڊيا جي جهاز جو بليڪ باڪس ملي ويو، جڏهن ته حادثي ۾ فوتين جو انگ 19 ٿي ويو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب حادثي ۾ زخمي ٿيندڙ 22 ڄڻن کي طبي امداد کان پوءِ مختلف اسپتالن مان فارغ ڪيو ويو آهي. جڏهن ته 100 ڄڻا زخمي آهن جن مان 15 زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. ڀارتي ميڊيا حادثي ۾  هينئر تائين 19 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي جن ۾ پائليٽ ڪيپٽن دييڪ ۽ مددگارپائلٽ اکهليش ڪمار به شامل آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب جهاز جو ڊيجيٽل فلائٽ ڊيٽا رڪارڊر، ڪاڪ پٽ، وائس رڪارڊر ۽ بليڪ باڪس ملبي مان ڪڍيو ويو آهي جن جي مدد سان حادثي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. ڀارتي ميڊيا ان حوالي سان چيو آهي ته حادثي جي نتيجي ۾ سوار 4 ڪيبن ڪريوميمبر محفوظ رهيا جن کي معمولي ڌڪ رسيا. جنهن کان پوءِ مقامي اسپتال ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي.

ڀارتي ميڊيا موجب جهاز حادثي ۾ فوت ٿي ويلن ۾ 2 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق به ٿي آهي. جنهن کان پوءِ ريسڪيو سرگرمين ۾ حصو وٺندڙ اهلڪارن جا به ٽيسٽ ڪيا پيا وڃن. واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڀارتي مسافر جهاز حادثي جو شڪار ٿيو هو.

ايئرانڊيا جي دبئي مان ايندڙ اڏام ۾  عملي جي ميمبرن سميت 191 مسافر سوار هئا. جهاز لينڊنگ جي دوران  ڪيراله جي ڪالي ڪٽ ايئرپورٽ تي ترڪي ويو، مسافر جهاز رن وي تان ترڪي 35 فٽ هيٺ وادي ۾ ڪري ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو هو.