زندگي هڪ ڀيرو ملندي آهي جنهن کي سٺي طريقي سان گذارڻ گهرجي: مايا علي

news

ڪراچي: (ڇنڇر 08 آگسٽ 2020ع)   پاڪستان جي خوبصورت اداڪاره مايا علي چيو آهي ته زندگي هڪ ڀيرو ملندي آهي جنهن کي سٺي طريقي سان گذارڻ گهرجي.

ماڊلنگ ۽ فلمن ۾ اداڪاري مان محفوظ ڪندڙ اداڪاره مايا علي چيو آهي ته گذريل مهيني زندگي ۾ ڪيترين ئي پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو جنهن کي سٺي طريقي سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

مان ان سمورن ماڻهن جي ٿورائتي آهيان جيڪي مون سان گڏ ان دوران بيٺل هئا ۽ اهي جنهن منهنجي لاءِ دعائون ڪيون.

اداڪاره چيو ته خاص طور تي منهنجي گهر وارا ۽ مداح جيڪي منهنجي چهري تي ٻيهر مسڪراهٽ کڻي آيا. زندگي هڪ ڀيرو ملندي آهي جنهن کي سٺي طريقي سان گذارڻ گهرجي.