ڪراچي ۾ ٽئين ڏينهن به چوماسي جِي برسات جو سلسلو جاري، ڊرينيج نظام ناڪاره، بجلي غائب، عوام سخت پريشان

news

ڪراچي (رپورٽ: نبي بخش خاصخيلي) ڪراچي ۾ ٽئين ڏينهن به چوماسي جِي برسات جو سلسلو جاري، برساتي پاڻي سان روڊ ٻڏي ويا، ڊرينيج نظام ناڪاره، بجلي غائب، عوام سخت پريشان.

تفصيل موجب ڪراچي جي ڀرپاسي وارن علائقن ايوب ڳوٺ، لاسي ڳوٺ، صيفل ڳوٺ، سکيا ڳوٺ، وزير بروھي ڳوٺ، احسن آباد، اللھ بخش وليج، نور خان ڳوٺ، سچل ڳوٺ، ماروئڙا، عبداللھ شاهه غازي ڳوٺ ۾ به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رھيو، انتظامي نااهلي ۽ بي ڌياني سبب برسات رحمت بدران زحمت بڻجي وئي آهي، مختلف علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، ڪيترن ئي گهرن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو آهي، گهٽيون، مين روڊ رستا پاڻي ھيٺ اچي ويا. ڊرينيج سسٽم ناڪاره ٿيڻ ڪري گٽر اٿلي پيا، مسلسل ٽن ڏينهن کان برسات دوران ڪيترن ئي روڊن رستن تي پاڻي بيهجي ويو، جنهن ڪري شهري ٻٽي عذاب کي منهن ڏئي رهيا آهن.

ٻئي طرف برسات دوران شھرين کي سخت مشڪلاتون پيش آيون، اتي موٽر سائيڪل مڪينڪن جون لاٽريون کلي ويون، شھرين جي بند موٽر سائيڪلن کي چالو ڪرڻ لاءِ من پسند ريٽ فڪس ڪري ڇڏيا، جڏھن ته ڪيترن ئي گاڏين جي مالڪن جون مسترين سان منھن ماريون به ٿيون، ڪيترن ئي موٽر سائيڪل مالڪ پنھنجي مدد پاڻ تحت موٽر سائيڪل جا پلڪ کولي صاف پڻ ڪندا رھيا.