مورو ڀرسان ڳوٺ علي خان کوسو جي رھواسين جو مٿن حملو ڪندڙن ۽ پوليس ڏاڍ خلاف احتجاج

news

مورو: مورو ڀرسان ڳوٺ علي خان کوسو جي رھواسين قاتلاڻو حملو ڪري ٽن ڄڻن کي گوليون ھڻي زخمي ڪندڙ جوابدار گرفتار نہ ٿيڻ ۽ سڌوجا پوليس جي زيادتين خلاف زخمين سان گڏ احتجاجي مظاھرو ڪيو.

جنھن جي اڳواڻي خادم حسين کوسو، سبحان کوسو، غلام قادر کوسو، امان اللہ کوسو، محمد ملوڪ کوسو ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا. جتي ھنن چيو تہ ٻہ ھفتا اڳ زمين جي ھلندڙ جھيڙي جي درگاهه سعدي نھراڻي ۾ فيصلي دوران مومن کوسو مٿان ڏهه لک رپيا ڏنڊ ۽ تڏي جي معافي جي فتويٰ ڏني وئي، جنھن تي ھو ڪاوڙ ۾ پنھنجي ساٿين ظفر کوسو، راشد کوسو، اشرف کوسو ۽ ٻين فيصلي ۾ ويٺل اسان جي ماڻھن مٿان قاتلاڻو حملو ڪري گوليون ھڻي ٽن ڄڻن سبحان کوسو، غلام قادر کوسو ۽ امان اللہ کوسو کي زخمي ڪري ڇڏيو، جنھن جي ايف آءِ آر سڌوجا ٿاڻي تي داخل ڪرايل آھي پر ھن وقت تائين سڌوجا پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ اسان جي 16 ماڻھن جي مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي ۽ ڄاڻايل جوابدار پوليس جي سرپرستي ۾ سرعام ھٿيار کڻي آزاد گھمندي اسان کي ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاءِ موت مار ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن انھن کي بااثر ماڻھن وڏيرن جي پٺڀرائي حاصل آھي ۽ پوليس بہ انھن جي ساٿاري بڻيل آھي.

ھنن چيو ته جوابدارن اسان جي ٽن ڄڻن کي ٽنگن ۾ گوليون ھڻي معذور بڻائي ڇڏيو آھي، اسان غريب مسڪين آھيون، جنھن جي ڪري اسان غيرمحفوظ بڻجي ويا آھيون ۽ ھو اسان جي گھرن ٻاھران ڌمڪيون ڏيندي گھمندا رھن ٿا، جنھن ڪري اسان ڪاڏي بہ نہ ٿا وڃي سگھون، جيڪڏھن قانون جا رکوالا فريادين سان انصاف ڪرڻ بدران جوابدارن جي لاءِ ڇپر ڇانو ھجن تہ امن پسند غريب مسڪين ماڻھون ڏاڍ ۽ جبر جي چڪي ۾ پيسجندو رھندو.

هنن اعليٰ اختيارين کان انصاف جي گهر ڪندي اپيل ڪئي ته حملو ڪندڙن کي گرفتار ڪيو وڃي.