مورو ۾ برسات سبب گهر جي ڇت ڪري پئي، هڪ ڄڻو فوت، ٻه زخمي

news

مورو: مورو شھر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گذريل ڏينھن کان پوندڙ برسات دوران مورو نوان جتوئي مٺياڻي سميت مختلف ھنڌن تي گھرن جون ڀتيون ۽ ڇتيون ڪري پيو.

ان سلسلي ۾ مورو قومي شاھراهه تي امتياز چنڊ وٽ ترسيل دوست ملھ پھلوان محرم علي جتوئي ۽ ٽرالر ڊرائيور ڇت ڪرڻ سبب دٻجي ويا، جن کي ٻاھر ڪڍڻ لاءِ وڏي انگ ۾ ماڻھون پھتا ۽ سرون، لوھي گاڊر ٽيئر، لڪڙا ۽ مٽي ھٽائي دٻجي ويلن کي ٻاھر ڪڍيو، جنھن دوران ملھ پھلوان محرم علي جتوئي فوت ٿي ويو ۽ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا.

فوتي ۽ زخمين کي مورو اسپتال آندو ويو جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي ۽ وڌيڪ علاج لاءِ نوابشاهه جي اسپتال موڪليو ويو جڏھن تہ فوتي جي لاش جون قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي ڳوٺ کڻائي ويا. ھوڏانھن نوان جتوئي ۾ پورھيت جي گھر جي ڇت ڪرڻ سبب پڻ مالي نقصان ٿيو، جڏهن ته جانيون بچي ويون.