جيڪب آباد ۾ سيپڪو جي لاپرواهي، خانگي لائن مين بجلي ٺاھيندي ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿنڀي تي لٽڪيل رھيو، اسپتال منتقل

news

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد ۾ سيپڪو جي لاپرواهي، پرائيويٽ لائن مين بجلي ٺاھيندي ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿنڀي تي لٽڪيل رھيو، اطلاع باوجود سيپڪو عملو نه پهتو، علائقي واسين لٽڪيل نوجوان کي لاھي ورتو، اسپتال منتقل.

خبر موجب جيڪب آباد جي سول لائن ٿاڻي جي حد ڪوئيٽا روڊ تي نماڻي سنگت حويلي وٽ پرائيويٽ لائن مين جاويد مھر بجلي  ٺاھيندي ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿنڀي تي لٽڪيل رھيو، اطلاع باوجود سيپڪو عملو نه پھتو علائقي واسين بجلي بند ڪرائي نوجوان کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي نوجوان جو جسم جو اڌ حصو سڙي وڃڻ جي ڪري لاڙڪاڻي منتقل ڪري ڇڏيو.

ان سلسلي ۾ ايڪسيئن سيپڪو عامر شيخ لاعلمي ظاھر ڪندي چيو آهي ته مون کي ان بابت ڪي به اطلاع نه مليا آهن جاچ ڪيان پيو جيڪڏهن سيپڪو عملي جي لاپرواهي ظاھر ٿي ته ڪارروائي ڪئي ويندي.

واضح رهي ته سيپڪو عملدارن جي لاپرواهي سبب ٻه مھينن جي دوران پرائيويٽ لائن مين نادر پنھور، پرويز دستي ۽ نعيم لاشاري زندگيون وڃائي ويٺا آهن.