جيڪب آباد ۾ مڙس ۽ ڏير جي تشدد کان تنگ ٿي ناري ٿاڻي تي پھتي، بيان بعد پيءُ حوالي

news

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) مڙس ۽ ڏير جي تشدد کان تنگ ٿي ناري ٿاڻي تي پھتي، بيان بعد پيءُ حوالي.

جيڪب آباد جي ڳوٺ عبداللہ لاشاري جي رھواسڻ عابده عرف پروين مڙس سراج ديناري ۽ ڏير جي تشدد کان تنگ ٿي صدر ٿاڻي تي پھتي، پوليس ناري کي ڪنزيومر ڪورٽ جي جج اعجاز علي چانڊيو جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي ناري مڙس ۽ ڏير خلاف تشدد ڪرڻ جو بيان ڏنو ۽ پيءُ رئيس خان لاشاري سان وڃڻ جي خواھش ڏيکاري عدالت پوليس کي لکپڙهه بعد ناري کي پيءُ جي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.