مدئجي جي مشواڻي محلي جو رهواسي نوجوان پوليس اهلڪار ڊيوٽي دوران ٿاڻي اندر جنريٽر جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت

news

مدئجي (رپورٽ: ايوب بروهي) مدئجي جي مشواڻي محلي جو رهواسي نوجوان پوليس اهلڪار امجد حسين پٽ ذڪاء الله پٺاڻ ڊيوٽي دوران مدئجي ٿاڻي اندر جنريٽر جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو، جنهن کي بروقت ساٿي اهلڪارن کڻائي تعلقي اسپتال پهچايو، جتي ڊاڪٽرن پاران سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جنهن تي پوليس اهلڪارن ۾ قهرام مچي ويو.

جنهن بعد فوتي پوليس اهلڪار جي وارثن کي اطلاع ڪيو ويو، جنهن تي هو ماتم ڪندا اسپتال پهتا، تعلقي اسپتال مان فوتي نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪو گهر پهچڻ تي وارثن ۾ قهرام مچي ويو ۽ سندس پيءُ، ماءُ، وني ۽ ڀينرن کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا هئا.

ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي مدئجي پوليس ٻڌايو ته نوجوان پوليس اهلڪار امجد حسين موبائيل چارج ڪرڻ لاءِ بجلي جي بورڊ ۾ چارجر لڳائي رهيو هو ته تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب بيهوش ٿي ويو، جنهن کي تعلقي اسپتال پهچايو جتي ڊاڪٽرن پاران سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي.

هوڏانهن نوجوان پوليس اهلڪار جي خبر پوڻ تي ٿاڻي تي مقرر سندس ساٿي اهلڪار پڻ وڏي انگ ۾ اوڇنگارون ڏيندا اسپتال پهتا. جڏهن ته فوتي اهلڪار جي جنازي نمازادا ڪئي وئي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪارن، شهرين ۽ مٽن مائٽن شرڪت ڪئي. جنهن بعد سندس مڙهه شهيد علي حيدر شاهه قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته فوتي اهلڪار جي وارثن سان عذرخواهي جو سلسلو هلندڙ آهي.