نوازشريف پنهنجي خلاف ڪيسن ۾ وڊيو لنڪ جي ذريعي پيش ٿئي: فواد چوڌري

news

اسلام آباد: (آچر 09 آگسٽ 2020ع)  سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نوازشريف جي خلاف ڪيس فوري طور تي شروع ڪرڻ گهرجن ۽ هو وڊيو لنڪ جي ذريعي ڪارروائي ۾ پيش ٿئي.

سماجي رابطي جي سائٽ تي ٽوئٽ ۾ فواد چوڌري چيو ته سومر جي ڏينهن احتساب عدالت آصف زرداري مٿان وڊيولنڪ ذريعي فردم جرم لاڳو ڪرڻ وڃي رهي آهي.

عدالت ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال بهتر قدم آهي. وفاقي وزير چيو ته سوال اهو آهي ته نوازشريف جي خلاف ڪيسن ۾ ٽيڪنالاجي استعمال ڇو نه پئي ڪئي وڃي.

ان جي خلاف ڪيسن کي فوري طور تي شروع ڪرڻ گهرجي ۽ نوازشريف وڊيو لنڪ ذريعي ڪيسن ۾ پنهنجي حاضري يقيني بنائي.