ساهه جي تڪليف سبب بالي ووڊ جو مشهور اداڪار سنجي دت اسپتال منتقل

news

نئين دهلي: (آچر 09 آگسٽ 2020ع) ڀارتي اداڪار سنجي دت کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف سبب ممبئي جي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

بالي ووڊ انڊسٽري ۾ منا بهائي ۽ سنجو بابا جي نالي سان مشهور 61 ساله اداڪار سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي پوسٽ ڪري پنهنجي صحت جي حوالي سان مداحن کي آگاهه ڪيو آهي.

سنجي دت چيو آهي ته مان سڀني کي يقين ڏيارڻ چاهيان ٿو ته مان خيريت سان آهيان ۽ ڊاڪٽرن جي نگراني هيٺ آهيان جڏهن ته منهنجو ڪورونا ٽيسٽ نگيٽو آيو آهي.

هن چيو ته ڊاڪٽرن، نرسن ۽ ٻئي عملي جي سار سنڀال هيٺ اسپتال ۾ شايد هڪ يا ٻه ڏينهن وڌيڪ رهڻو پوي. اوهان سڀني جي نيڪ خواهشن ۽ دعائن جو ٿورائتو آهيان.