مانچسٽر ٽيسٽ:ۡ بٽلر ۽ ووڪس جي بهترين بيٽنگ، انگلينڊ پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي

news

لنڊن: (آچر 09 آگسٽ 2020ع) انگلينڊ پاڪستان کي پهرين ٽيسٽ ميچ دوران 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. جوزبٽلر ۽ ڪرس ووڪس جي بهترين بيٽنگ سبب جوئي روٽ اليون پاڪستاني ٽيم کان فتح کسي ورتي. سيريز ۾ ميزبان ٽيم کي هڪ ٻُڙي تان تان برتري حاصل ٿي وئي آهي.

تفصيل موجب ميچ جي چوٿين ڏينهن پاڪستان 137 رنسون 8 رانديگر آئوٽ کان ٻئي اڻ مڪمل اننگز ٻيهر شروع ڪئي ته ياسر شاهه ۽ محمد عباس وڪيٽ تي موجود هئا. ياسر شاهه ڏينهن جي شروعات ۾ بهترين بيٽنگ ڪئي ۽ صرف 9 بالن تي 21 رنسون ٺاهڻ کان پوءِ اسٽورٽ براڊ جي وڪيٽ بڻجي ويو. ياسر شاهه 33 رنسن سان پاڪستان جو سڀني کان ڪامياب رانديگر رهيو. ان کان پوءِ انگلينڊ کي پاڪستان جي اننگز ختم ٿيڻ ٿيڻ جي لاءِ وڌيڪ انتظار نه ڪرڻو پيو ۽ جوفر آرچر نسيم شاهه  کي آئوٽ ڪري پاڪستان جي اننگز جو 169 رنسن تي خاتمو ڪري ڇڏيو.

اهڙي طرح جوئي روئي اليون کي کٽڻ جي لاءِ 278 رنسن جو حدف مليو. حدف جي تعاقب ۾ انگلينڊ جي ٽيم کي پهرين 22 رنسن جي اسڪور تي نقصان کڻڻو پيو. برنز 10 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. ان دوران سبلي ۽ جوئي روٽ اننگز کي آڳيان وڌايو. 86 رنسن تي  سبلي 36 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو جڏهن ته جوئي روٽ جي اننگز 42 رنسن تائين محدود رهي. 117 رنسن تي 5 وڪيٽون ڪرڻ کان پوءِ انگلينڊ جو وڪيٽ ڪيپر ۽ بيٽسمين جوز بٽلر ۽ آل رائونڊر ڪرس ووڪس بهترين انداز ۾ بيٽنگ ڪندي وڪيٽ جي چئني طرف کان شارٽ کيڏيا. جوز بٽلر جي اننگز 75 رنسن تي ختم ٿي. ياسر شاهه کيس ايل بي ڊليو آئوٽ ڪيو.

ووڪس ۽ بٽلر جي وچ ۾ 139 رنسن جي پارٽنر شپ سوڀ ۾ اهم ڪردار اد اڪيو. انگلينڊ جي ٽيم مذڪوره حدف 7 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو. ڪرس ووڪس 84 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. قومي ٽيم جي طرفان ياسر شاهه 4 جڏهن ته شاهين آفريدي، محمد عباس، نسيم شاهه جي حصي ۾ هڪ هڪ وڪيٽ آئي.