مريم نواز نيب ۾ پيش ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو

news

لاهور: (آچر 09 آگسٽ 2020ع) مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز قومي احتساب بيورو(نيب) ۾ پيش ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب(ن) ليگ طرفان ڪارڪنن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته 11 آگسٽ تي رائيونڊ ۽ نيب جي آفيس پهچن. مريم نواز 11 آگسٽ تي نيب لاهور جي آفيس پيش ٿيندي.

قومي احتساب بيورو لاهور  مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز کان چوڏنهن سئو چاليهه ڪيئنال ايراضي جون رسيدون گهريون آهن. اڳوڻي وزيراعظم جي ڌيءَ کي سمورا ڪاغذ 11 آگسٽ تي پاڻ سان گڏ کڻي اچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

نيب ذريعن موجب رائيونڊ ايراضي ڪيس ۾ مريم نواز کان پوءِ نوازشريف ۽ ۽ ڏاڏي شميم بيگم کي به  جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته مريم نواز تي رائيونڊ ۾ غيرقانوني ايراضي سست  اگهن تي خريد ڪرڻ جو الزام آهي. نيب مريم نواز کان هڪ هزار 440 ڪئنال ايراضي تي جواب طلب ڪيو آهي.