ڀارت: ڪورونا مريضن جي قرنطينه هوٽل ۾ باهه لڳڻ سبب يارنهن ڄڻا سڙي فوت

news

نئين دهلي: (آچر 09 آگسٽ 2020ع) ڀارت اندر ڪورونا وائرس ۾ مبتلا مريضن جي لاءِ  بطور قرنطينه سينٽر  جي لاءِ استعمال ٿيندڙ هوٽل ۾ اوچتو باهه لڳي وئي جنهن ۾ 11 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا.

ڀارتي ميڊيا موجب رياست آندهرا پرديش جي شهر وجي اواديا جي سوارنا پيلس هوٽل کي خانگي اسپتال راميش جي قرنطينه سينٽر جي طور تي استمال ڪيو پئي ويو جتي باهه جي موقعي تي ڪورونا 19 جا 50   ۽ طبي عملي جا 10 ڄڻا موجود هئا.

ريسڪيو ادارن امدادي ڪمن جي شروعات ڪندي 17 مريضن کي حفاظت سان ٻاهر ڪڍي ورتو جڏهن ته 9 ڄڻن جون لاشون هٿ آيون آهن جيڪي تمام گهڻو سڙي ويا آهن. 2 مريض علاج دوران حياتيون وڃائي ويٺا. 10 کان وڌيڪ مريضن کي زخمي حالت ۾ ٻئي اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته شروعاتي طور تي حادثي جو سبب شارٽ سرڪٽ لڳي ٿو پر مڪمل جاچ ٿيڻ کان پوءِ حتمي راءِ ڏيڻ ممڪن ٿيندي. باهه سبب پوري هوٽل ۾ دونهون ڀرجي ويو هو ۽ وڌيڪ فوتگيون به ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٿيون آهن. واقعي جي جاچ لاءِ  جاچ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.