برطانوي پرڏيهي آفيس ۾ ڪوئن جو شڪاري ٻلو عهدي تان رٽائرڊ ٿي ويو

news

لنڊن: (آچر 09 آگسٽ 2020ع) برطانوي پرڏيهي آفيس ۾ ڪوئن کي جهلڻ جي لاءِ ڪجهه سال اڳ مقرر ڪيل ٻلو پنهنجي عهدي تان رٽائرڊ ٿي ويو آهي.

انڊين نيوز چينل  موجب لارڊ پارلرسٽن نالي ٻلو اڪثر پنهنجي پاڙيسري ڊائوننگ اسٽريٽ ۾ موجود ڪوئن جو شڪار ڪندڙ هڪ ٻئي ٻلي ليري سان گڏ ٿيندڙ جهيڙن سبب مشهور ٿيو. هاڻ هي ٻلو پنهنجي رٽائرمينٽ جي زندگي برطانيه جي پرڏيهي آفيس جي هڪ اسٽاف ميمبر جي گهر ۾ گذاريندو.

هن ٻلي جو پنهنجو ٽوئٽر اڪائونٽ آهي ۽ هو ڊائونٽنگ اسٽريٽ ۾ فرض انجام ڏيندڙ نيوز فوٽو گرافرن ۾ تمام گهڻو مشهور هو.

برطانوي پرڏيهي آفيس ڊپلوميٽڪ سروسز جي هيڊ ۽ مستقل انڊر سيڪريٽري سر سائمن مڪڊونلڊ  ٻلي جي رٽائرمينٽ جو اعلان ڪندي چيو ته اپريل 2016 ۾ هي ٻلو ڪتن ۽ ٻلين جي هڪ پناهه گاهه مان آندو ويو هو کيس ان ڪري ڀرتي ڪيو ويو هو ته هي ڪوئن کي پڪڙيندو پر هي سوشل ميڊيا تي مشهور ٿي ويو ۽ ان جا ٽوئٽر تي هڪ لک کان وڌيڪ فالوورز آهن.