بدين جي پريمي جوڙي سجاول ۾ پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو، تحفظ جي اپيل

news

بدين(رپورٽ:تنوير آرائين)خبر موجب بدين ڀرسان ڳوٺ ملاح جي ناري شاهده ڌي شير محمد منڌرو پنهنجي مائٽن جي گهرن مان نڪري پنهنجي ڳوٺ جي پريمي نوجوان محمد سومار ملاح سان سجاول ۾ اوٿ ڪمشنر اڳيان بيان ڏيڻ بعد نوجوان محمد سومار ملاح سان نڪاح ڪري ڇڏيو.

نڪاح بعد بدين پهچي ناري شاهده  چيو ته هوءَ ۽ سومار ملاح ڪافي عرصي کان هڪٻئي کي چاهيندا هئا، مائٽن کي شادي ڪرڻ لاءِ به چيو پر انهن انڪار ڪيو، الٽو مون کي هڪ پوڙهي شخص سان پرڻائڻ ٿي چاهيو جنهن سبب پنهنجي رضا خوشي سان نڪري سومار ملاح سان پرڻو ڪيو آهي جنهن تان مائٽ مون تي ڪاوڙيل آهن.

هن چيو هو مون کي ۽ مڙس کي جان کان مارڻ ۽ ڪوڙن ڪيس ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن، هن مطالبو ڪيو ته مون کي ۽ مڙس کي جان ۽ مال جو تحفظ فراهم ڪيو وڃي.