ميرپورماٿيلو:نامعلوم چور بيڪري سميت ٻين دڪانن جا تالا ٽوڙي، سولر پليٽون ۽ روڪ رقم چوري ڪري فرار

news

ميرپور ماٿيلو(رپورٽ:هادي بخش جلباڻي)دادلغاري ٿاڻي ويجهو ڪاراسٽينڊ چوڪ وٽ رات نامعلوم چور بيڪري سميت چار دوڪانن جا تالا ٽوڙي لکين روپيه جو سولر ۽ ٻيو قيمتي سامان ٻهاري کڻي فرار ٿي ويا, اطلاع تي دادلغاري پوليس واقعي واري هنڌ پهچي چوڪيدار عبدالغفار پتافي کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو.

هوڏانهن شهرين ۽ بيڪري مالڪن محمد اعظم ڪشميري، قاري بشير اسلم، لغاري، محمد حنيف ڪشميري ۽ ٻين جي احتجاج ڪرڻ تي ڊي ايس پي ميرپورماٿيلو چوري واري هنڌ پهچي شهرين سان ملاقات ڪئي ڊي ايس پي شهرين کي خاطري ڪرائي ته شهر وچ مان ٿيل چوري جلد واپس ڪرائي ويندي.

هن چيو ته دادلغاري پوليس شڪ جي بنياد تي چوڪيدار کي گرفتار ڪري جاچ ڪري رهي آھي, ٻي طرف بيڪري مالڪ اعظم ڪشميري ٻڌايو ته ڪار اسٽينڊ اسٽاپ وٽ 3 پوليس اهلڪار مقرر ٿيل هئا ان جي باوجود به چار دڪانن جا تالا ٽوڙي نامعلوم چور لکين روپيه روڪ، سولر ۽ ٻيو قيمتي سام ٻهاري ويا آھن.

 هن چيو ته اطلاع باوجود به دادلغاري پوليس ديرر سان پهتي هن چيو ته ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ايس ايڇ او دادلغاري ٻن ڏينهن اندر جيڪڏهن اسان جي چوري واپس نه ڪرائي ته اسين سڀ شهري ايس پي آفيس آڏو احتجاج ڪنداسين.س