ٽنڊوڄام پوليس جون ڪارروايون، ٻه ڄڻا گرفتار، هٿيار ۽ وڏي مقدار ۾ مين پڙيون هٿ ڪرڻ جي دعوا

news

ٽنڊوڄام (رپورٽ: مستنصر علي جمالي) ٽنڊوڄام پوليس اٽالن جي مختلف هنڌن تي ڪارروايون، ٻه ڄڻا گرفتار، غير قانوني هٿيار ۽ وڏي مقدار ۾ مين پڙيون هٿ ڪرڻ جي دعوى. ڌار ڌار ڪيس داخل. خبر موجب

 ايس ايڇ او ٽنڊوڄام فرحان ميمڻ پوليس اهلڪارن سان گڏ ٽنڊوڄام لڳ لنڪ روڊ تي ڪارروائي ڪندي ڳوٺ فقير محمد ڪلهوڙو جي رهواسي هڪ ڄڻي عبدالرحمان ڪلهوڙو کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان غيرقانوني پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي. 

ايس ايڇ او ٽنڊوڄام موجب قتل ڪيس ۾ سزا يافته جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي، جيڪو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته سندس ڀاءُ عبدالرحمان کي هٿيار سميت گرفتار ڪيو آهي. 

پوليس گرفتار جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، ٻئي پاسي ٽنڊوڄام پوليس کيسانا موري وٽ ڪارروائي ڪري هڪ ڄڻي غلام قادر زرداري کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 150 مين پڙيون هٿ ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي جڏهن ته پوليس موجب هڪ جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ٽنڊوڄام پوليس گرفتار جوابدار خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.