مورو ۾ بيواهه پيرسن عورت جو نافرمان پٽ خلاف احتجاج، انتظاميا کان انصاف جو مطالبو

news

مورو(رپورٽ:وحيد مستوئي) شھر جي لطيف ڪالوني جي رھواسڻ بيوھ پيرسن عورت شريفان ٻرڙو جو نافرمان پٽ جي ظلم زيادتين خلاف احتجاجي مظاھرو ڪندي اکين مان لڙڪ لاڙيندي ٻڌايو تہ منھنجو پٽ مختيار ٻرڙو نافرمان ٿي ويو آھي جيڪو مون پيرسن مٿان تشدد ڪري رھيو آھي ۽ مونکي مليل پنھنجي پيءَ محمد رحيم ٻرڙو جي حصي مان زرعي زمين جيڪا وڪرو ڪري مون جڳھ ورتي جنھن تي مختيار ٻرڙو پنھنجي ساھرن جي چوڻ تي ان جا ڪاغذ ٺھرائي پنھنجي نالي ڪري ڇڏي آھي ۽ گھر مان روڪ رقم، سونا زيور ۽ ٻيو سامان کڻي ويو آھي جنھن جو آواز اٿارڻ تي نافرمان پٽ مون پيرسن ماءُ ۽ منھنجي بيوھ نياڻي مرادان ٻرڙو تي پڻ تشدد ڪري خاموش رھڻ جو چوي ٿو ۽ مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي.

 ھن چيو تہ مونسان ظلم آھي مان سُک سان رھي بہ نہ ٿي سگھان، نافرمان پٽ پنھنجي ساھرن جي چوڻ تي منھنجي گھر کي ديوار ڏياري بند ڪري ڇڏيو آھي، ھن چيو تہ نافرمان پٽ مختيار ٻرڙو پنھنجي سھري ميوو ٻرڙو، غالب ٻرڙو، مصدق سان گڏ ظلم ڪري رھيو آھي جنھن جي مون مورو ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي آھي پر پوليس گرفتار نہ ٿي ڪري ڇاڪاڻ تہ ھو ڊي سي نوشھروفيروز وٽ ڪلارڪ آھي جيڪو ڏاڍ تي اسان مٿان ظلم ڪري رھيو آھي.

 ھن وزير اعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شھيد بينظير آباد، ايس ايس پي نوشھروفيروز، ڊپٽي ڪمشنر نوشھروفيروز، ڊي ايس پي مورو ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو تہ نافرمان پٽ مختيار ٻرڙو خلاف قانوني ڪارروائي ڪري گھر مان کنيل روڪ رقم، سونا زيور ٻيو سامان واپس ڏياري قبضو ختم ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.