جيڪب آباد ۾ برساتن بعد پاڻي نيڪال ٿيو نه صفائي ٿي، عوام پريشان

news

جيڪب آباد(رپورٽ عبدالنبي مگسي)برساتن بعد ميونسپل ڪميٽي جي نااهلي سبب صفائي جو عمل شروع نه ٿي سگهيو آهي، ايس ايس پي ۽ ڊي سي آفيس جي آڏو گوڏي کان مٿي پاڻي بيھجي ويو آهي جڏهن ته شھر جي ڪپڙا مارڪيٽ، بانو بازار، شاھ ڀٽائي بازار، پيٽي بازار، گاھ پڙي روڊ، سينيما روڊ سميت اڪثر ڪاروباري علائقن ۾ گوڏي کان مٿي پاڻي بيٺل آهي, جڏهن ته ميونسپل ڪميٽي انتظاميا جي نااهلي سبب برسات جي پاڻي جو نيڪال ٿي نه سگهيو آهي, پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب پيرسن مرد، عورتون توڙي ٻارن کي اچڻ وڃڻ ۾ سخت تڪليف کي منهن ڏئي رهيا آهن جڏهن ته برساتي پاڻي بيھڻ سبب شھر جو ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي.

 شھرين ارسلان قريشي، محمد عمر سولنگي، نور محمد منجھو ۽ ٻين دانھيندي چيو ته وڏي وزير جي حڪم تي صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي جي صدارت هيٺ برسات جي پاڻي جي نيڪال لاءِ ڪوٺايل اجلاس به بي فائدو ثابت ٿيو آهي، صوبائي صلاحڪار جي حڪم باوجود ميونسپل عملدار شھر جي صفائي ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي ويا آهن، برساتي پاڻي بيھڻ سبب شھر ۾ گندگي ڦھلجي وئي آهي صوبائي صلاحڪار شھر ۾ گندگي ۽ برساتي پاڻي جي نيڪال نه ٿيڻ جي معاملي جو نوٽيس وٺي شھر جي صفائي ڪرائي