ٽنڊومحمدخان:ڦليلي واهه مان پنجونجاهه سالن جي نامعلوم پيرسن جو لاش هٿ، سڃاڻپ نه ٿي سگهيو

news

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ:ذوالفقار چانڊيو) ٽنڊو محمد خان شهر جي ڦليلي ڪئنال مان 55 ورهين جي نامعلوم پيرسن جو ڪجھ ڏينھن پراڻو لاش هٿ آيو. شهرين جي اطلاع تي سماجي تنظيم ۽ ايڌي جي رضاڪارن لاش کي گوني واھ مان ٽوٻن ذريعي ڪڍرائي سول اسپتال پهچايو.

 لاش جي پوسٽ مارٽم بعد سڃاڻپ لاءِ مرده خاني ۾ رکيو ويو آهي، لاش جي  سڃاڻپ ٿي نه سگهيو آهي.