ڪورونا وائرس کي ٻه هزار ٻاويهه تائين امڪاني طور تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو: بل گيٽس

news

واشنگٽن: (سومر 10 آگسٽ 2020ع) ملٽي نيشنل ٽيڪنالاجي مائيڪروسافٽ جي باني بل گيٽس چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ امڪاني طور تي 2022 تائين ڪورونا وائرس جو خاتمو ٿي ويندو.

هن هڪ انٽرويو ۾ چيو ته ڪورونا وائرس جو خاتمو ۽ ويڪسين جي تياري لاءِ بهتر ڪوششون ڪيون ويون آهن ۽ يقين سان چوان ٿو ته اهي ڪوششون ڪامياب وينديون. مون کي ائين لڳي ٿو ته ترقي يافته ملڪ 2021 جڏهن ته ٻئي دنيا هن تي 2022 جي آخر تائين ڪنٽرول ڪري وٺندي.

هن چيو ته اسان کي هن وقت هڪ موثر ويڪسين جي ضرورت آهي جيڪا ڪورونا وائرس جي خلاف ڪم ڪري سگهي ڇو ته هن وقت تائين سڄي دنيا جون حالتون معمول تي ناهن اچي سگهيون. جڏهن ته دوا به تيار ناهي ٿي هاڻ هي سڄي دنيا جي سائنسدانن لاءِ هڪ چيلنج  بڻجي چڪو آهي.