سنڌ جي مزاحمتي شاعر، اديب، ليکڪ ۽ صحافي شميرالحيدري جي اٺين ورسي پريس ڪلب بدين ۾ ملهائي وئي

news

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) سنڌ جي مزاحمتي شاعر، اديب، ليکڪ ۽ صحافي شميرالحيدري جي 8 هين ورسي پريس ڪلب بدين طرفان ملهائي وئي.

جنهن کي خطاب ڪندي نالي واري ليکڪ پروفيسر عبدالله ملاح چيو ته شمشير الحيدري سنڌ جو يگانو مرد قلندر شاعر ۽ اديب هو جيڪو حق ۽ سچ لاءِ هر محاذ تي اٽل بيٺل رهيو. پروفيسر عبدالله ملاح وڌيڪ چيو ته ايم آرڊي تحريڪ هجي يان سنڌي ٻولي جو مسئلو شمشير الحيدري هر ميدان ۾ اڳڀرو هو جنهن دوران هن  مزاحمتي ادب سان گڏ پنهنجي صحافتي قلم استعمال ڪيو.

ليکڪ موسيٰ جوکيو چيو ته شمشير الحيدري سنڌي ادب لاءِ تمام گهڻو ڪجهه ڪيو. خادم ٽالپر چيو ته شميرالحيدري سنڌي ادب جو وڏو ماڻهو هوندي پنهنجي زندگي سادگي سان گذاري ڪڏهن به خود پرست نه رهيو سدائين سخي دل هو. سينئر صحافي عبدالمجيد ملاح چيو ته شمشير الحيدري پنهنجي آخري وقت ۾ بدين جي نئين تاريخ لکي رهيو هو ته پر زندگي هن سان وفا نه ڪئي. پريس ڪلب جي صدر ملڪ محمد الياس چيو ته شمشير الحيدري هر ظلم ۽ جبر خلاف پنهنجو قلم استعمال ڪيو. عبدالستار جوکيو چيو ته شمشير الحيدري بدين جي فنڪارن جي پي ٽي وي تي وڏي رهمنائي ڪئي. تقريب کي پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري شوڪت ميمڻ، تنوير احمد آرائين، علي اظهار سومرو، عبدالله ترڪ، استاد الهڏنو جوڻيجو، مير بليدي ۽ اسماعيل جعفري پڻ خطاب ڪيو.