(ن) ليگي ڪارڪنن ۽ پوليس ۾ چڪريون، مريم نواز جي نيب ۾ پيشي ملتوي

news

لاهور: (اڱارو 11 آگسٽ 2020ع) مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز جي غيرقانوني ايراضي واري ڪيس ۾ قومي احتساب بيورو(نيب) ۾ پيشي ملتوي ڪئي وئي آهي.

اڳوڻي وزيراعظم ميان نوازشريف جي ڌيءَ مريم نواز جاتي امراءِ کان ريلي جي شڪل ۾ نيب لاهور آفيس پهتي. ان موقعي تي رانا ثناءُالله، پرويز رشيد، طلال چوڌري، (ن) ليگي اڳواڻن جي وڏي انگ ۾ ليگي ڪارڪن به مريم نواز سان گڏ موجود هئا. مريم نواز جي گاڏي سندس مڙس ڪيپٽن(ر) صفدر هلائي. ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ نيب آفيس جي ٻاهران پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي.

نيب آفيس جي ٻاهران پوليس ۽ ليگي ڪارڪنن ۾ چڪريون ٿيون. پوليس ليگي ڪارڪنن کي اڳيان وڃڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته ليگي ڪارڪن ڪاوڙ ۾ اچي ويا. انهن پوليس مٿان پٿراءُ ڪيو جنهن کان پوءِ پوليس ۽ ليگي ڪارڪنن وچ ۾ هاٿاپائي به ٿئي. پوليس ليگي ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي لاءِ آنسو گئس جا ڳرا شيل به فائر ڪيا.

واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو ۽ جوابي پٿراءُ به ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ڪارڪن زخمي ٿي پيا. ان جهيڙي ۾ مريم نواز جي گاڏي جو شيشو به  ڀڄي پيو. مريم نواز پوليس مٿان پنهنجي گاڏي تي حملو ڪرڻ جو الزام به لڳايو. نيب حالتون خراب ٿيڻ سبب مريم نواز جي پيشي ملتوي ڪري ڇڏي جنهن کان پوءِ مريم نواز نيب آفيس مان واپس رواني ٿي وئي آهي.

نيب موجب شرپسند عناصرن طرفان حالتون ڇڪتاڻ واريون ڪرڻ سبب پيشي ملتوي ڪئي وئي آهي ۽ نئين تاريخ جو اعلان جلد ڪيو ويندو.