وزيراعظم عمران خان تيرنهن آگسٽ تي بي آر ٽي منصوبي جو افتتاح ڪندو

news

پشاور: (اڱارو 11 آگسٽ 2020ع) تحريڪ انصاف حڪومت جي پشاور ۾ بي آر ٽي منصوبي جي افتتاح واري تاريخ آخرڪار سامهون اچي وئي.

وزيراعظم عمران خان 13 آگسٽ تي بي آر ٽي جو افتتاح ڪندو. خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير محمود خان به وزيراعظم سان گڏ هوندو. وزيراعظم کي بي آر ٽي بابت بريفنگ ڏني ويندي.

بي آر ٽي منصوبي جي شروعات آڪٽوبر 2017 ۾ ٿي هئي منصوبي ۾ مختلف هنڌن تي 31 اسٽيشن ٺاهيا ويا آهن. 8 انڊر پاسز آهن جن جي ٽوٽل ڊيگهه 3 ڪلو ميٽر آهي.

بي آر ٽي ۾ 13 ڪلو ميٽر جا اوور هيڊ آهن جن مان 9 اسٽيشن اوور هيڊ ٺاهيا ويا آهن. منصوبي جي گڏيل ڊيگهه 65 ڪلو ميٽر آهي بي آر ٽي ۾ سفر ڪندڙ شهرين جي لاءِ گذريل ڏينهن ڪارڊ به جاري ڪيا ويا.