اداڪاره ماهره خان جي استاد سان گڏ نئين ڊانس واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل

news

لاهور: (اڱارو 11 آگسٽ 2020ع) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪاره ماهره خان  جي نئين ڊانس واري وڊيو وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ هو پنهنجي استاد نگه جي سان گڏ ڊانس ڪندي نظر اچي رهي آهي.

ماهره جي ان رقص تي مداحن طرفان سندس تمام گهني تعريف ڪئي وئي آهي. تفصيل موجب پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور ۽ عالمي شهرت ماڻيندڙ اداڪاره ماهره خان جي ڊانس جي نئين وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي. اداڪاره ماهره خان جي رقص جي هي وڊيو ان وقت ٺاهي وئي جڏهن ته ان جي استاد نگه جي جي سالگره هئي.

ماهره منفرد انداز اپنائيندي  سالگره جي موقعي تي پنهنجي استاد نگه جي کي خراج تحسين پيش ڪيو ان کان پوءِ فورن بعد ئي ڊانس جي وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي. اداڪاره ماهره خان پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ لکيل پوسٽ به شيئر ڪئي جنهن ۾ هن لکيو آهي ته منهنجا استاد، منهنجا پيارا نگه جي پنهنجي سفر جو هڪ اهم حصو هجڻ جي لاءِ اوهان جي ٿورائتي آهيان مون کي پنهنجي ڪمري ۾ اوهان سان گڏ نچڻ پسند آهي.

ماهره خان پنهنجي استاد جي وڌيڪ تعريف ڪندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيوته الهه اوهان کي هميشه مسڪرائيندو رکي ۽ اسان جي رشتي ۾ هميشه پيار ۽ عزت برقرار رکي هميشه اوهان سان پيار ڪندس جلدي سان اچي وڃو. جنهن کان پوءِ هن پنهنجي استاد کي سالگره جي مبارڪباد ڏني.