شادي کان اڳ محبت تي يقين نٿي رکان: نيلم منير

news

لاهور: (اڱارو 11 آگسٽ 2020ع) پاڪستاني فلمن ۽ ڊرامن جي مشهور ۽ خوبصورت اداڪاره نيلم منير هونئن ته انڊسٽري ۾ بولڊ ڪردار ڪندي نظر ايندي آهي جڏهن ته حقيقي زندگي ۾ هو شادي کان اڳ  ڪهڙي به محبت ۽ ملاقاتن تي يقين نٿي رکي.

نيلم منير هڪ انٽرويو ۾ شادي بابت آئيڊيل شريڪ حيات، محبت ۽ زندگي سميت پنهنجي ڪيريئر ۽ معاشري بابت کلي ڳالهيون ڪيون ۽ ٻڌايو ته مان ڪهڙي  طرح جي شخص سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿي. ميزبان طرفان شادي جي لاءِ آئيڊيل شريڪ حيات بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ اداڪاره چيو ته مون کي اهڙا ماڻهو پسند آهن جيڪي پنهنجي مائٽن جي عزت ڪن.

نيلم منير موجب جيڪو شخص پنهنجي والده سميت خاندان جي ٻين ماڻهن ۽ ان جي والده سميت ٻين مائٽن جي عزت ڪندو هجي مون کي اهڙا ماڻهو پسند آهن.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته شادي کان اڳ مان ڪنهن به قسم جي ملاقاتن ۽ محبت تي يقين نٿي رکي ڇو ته منهنجي خيال ۾ هي عجيب معاملو آهي شادي کان اڳ ڇوڪري جو ڪنهن جي لاءِ تيار ٿيڻو پوندو آهي. شادي ٿيڻ کان پوءِ سڀ ڪجهه هلندو آهي. پر مان شادي کان اڳ محبت تي يقين نٿي رکان.